ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) پا??ستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي سالگرهه تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته مادر جمهوريت آئين ۽ جمهوريت جي خاطر وحشي آمرن سان مزاحمت ڪئي، بي پناهه مشڪلاتُون ۽ المناڪ صدما برداشت ڪيا پر جمهوريت ۽ پا??ستان پيپلزپارٽي جو جهنڊو جهڪڻ نه ڏنو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو بي مثال صبر، جرئت ۽ مفاهمت جو استعارو هئي، سندس ذڪر کانسواءِ پا??ستان جي سياسي تاريخ اڻ مڪمل آهي. بلاول هائوس ميديا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بيگم نصرت ڀٽو جي 94 هين ولادت جي ڏهاڙي تي بلاول ڀٽوزرداري پنهنجي پيغام ۾ چ??و ته بيگم نصرت ڀٽو بهادر ۽ مدبر عورت ۽ پرو??ار شخصيت جي مالڪ هئي. هوءَ هر قسم جي حالتن ۾قائد عوام شهيد ذوالف??ار علي ڀٽو سان گڏ بيٺل رهي. هن چ??و ته بيگم نصرت ڀٽو ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم جي عدالتي قتل کانپوءِ جهڙي طرح پنهنجي ذاتي ڏک ۽ مصيبتن کي وساري قوم جي وسيع تر مفاد کي مٿانهون رکندي آمريت جي خلاف جدوجهد ڪئي، تاريخ ڪڏهن نه وساريندي. هن چ??و ته بيگم نصرت ڀٽو جي جدوجهد ۽ قربانيون اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهي. مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو هر جيالي ۽ پا??ستان جي عوام جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندي.