ڪراچي – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ منعقد سول ايوا??ڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري کي عوامي خدمتن جي شعبي ۾ ان جي ڪوششن تي تمغه امتياز جو اعزاز عطا ڪيو. گورنر هائوس سنڌ پاران جاري پڌرائي موجب ڪامران خان ٽيسوري هڪ ن??لي??اري ڪاروباري ۽ سرندي واري شخصيت پڻ آهي ۽ هو 9 ڀيرا بهترين ايڪسپورٽرز ٽرافي ۽ ٽي ڀيرا بزنس مين ??ف دي ايئر جو ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، ان کانسواءِ هڪ ڀيرو گولڊن سن ??ف دي ڪنٽري جو اعزاز پڻ کيس ڏنو ويو آه??. ٻ??ي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف تمغه امتياز ملڻ تي سنڌ جي گورنر کي مبارڪباد ڏي??دي چيو ته ايوارڊ توهان جي خدمتن جو اعتراف آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته هن ايوارڊ جي لاءِ الله تع??لي?? جو شڪرگذار آهيان. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو صوبي جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندو.