اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ 2 فيڪٽرين ۾ باهه وسائيندي شهيد ٿيندڙ 4 فائر فائٽرز کي خ??اج عقيدت پيش ڪندي باهه لڳڻ جي واقعن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف باهه وسائيندڙ عملي جي شهيد جوانن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وز??راعظم چيو ته خلقِ خدا جي جان بچائيندي شهيد ٿيندڙ فائر فائٽرز جي بهادري ۽ خدمت جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وز??راعظم سنڌ حڪومت کي شهيد فائر فائٽرز جي گهرڀاتين جي مالي مدد ۽ ٻارن جي تعليم ۽ ڪفالت جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم زخمين کي علاج جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي پڻ ه??ايت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.