اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان جي سلطان هيثم بن طارق بن تيمور آل سعيد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مب??رڪ??اد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان جي سلطان هيثم بن تيمور آل سعيد کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن، خاص طور تي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائ?? جي حوالي سان بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن ٻنهي سامونڊي پاڙيسرين جي وچ ۾ اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائ?? جي ضرورت تي زور ڏنو. عمان جي سلطان وزيراعظم جي عيد جي مب??رڪ??اد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي ??اء?? نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحال جي ??اء?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏي?? جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪر?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.