لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ دولت ??شترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب ملاقات دولت ??شترڪه جي نئين سربراهه ڪنگ چارلس ٽي جي آجيان ڪرڻ جي لاءِ لنڊن ۾ منعقد دولت ??شترڪه جي اڳواڻن جي تقريب جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪ?? ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن تنظيم کي ماحولياتي تبديلي ۽ نوجوانن جي ڪردار کي وڌائڻ جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڏهين ڪامن ويلٿ وزارتي اجلاس جي ميزباني ڪ??دو. اهو اجلاس پاڪستان ۾ غيرمعمولي ٻوڏ جي ڪري ملتوي ڪ??و ويو هو، ٻوڏ سان پاڪستان جي معيشت ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو هو. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي باضابطا ??وري جي پڻ دعوت ڏني. دولت ??شترڪه جي سيڪريٽري جنرل جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.