اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪمانستان تاپي گئس پائيپ لا??ين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته وزيراعظ۾ محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اپي خطي جي خوشحالي لا??ِ اهم منصوبو آهي، منصوبي سان خطي کي قدرتي گئس جي فراهمي ممڪن ٿيندي، عالمي صورتحال جي ڏس ۾ توانائي جي فراهمي هڪ وڏو چئلينج آهي، ان منصوبي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تاپي گئس پائيپ لا??ين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب ??ي خطاب ڪندي ڪيو. صحيحن واري تقريب ڪالهه خميس ڏينهن هتي منعقد ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان پاران پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ترڪمانستان جي مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين ڪمسات بابائيف صحيحون ڪيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ??ڄ هڪ وڏو ڏينهن آهي، پاڪستان ۽ ترڪمانستان تاپي گئس عملدرآمد منصوبي تي صحيحون ڪيون آهن. ان جي لا??ِ ترڪمانستان جي صدر ۽ ان جي ٽيم جا ٿورائتا آهيون. تاپي هن پوري خطي جي خوشحالي جي لا??ِ تمام اهم منصوبو آهي. هي منصوبو اشڪ آباد کان شروع ٿيند?? ۽ ??فغانستان ۽ پاڪستان کان ڀارت تائين مڪمل ڪيو ويندو. ان سان هن خطي کي منصوبي تي ٺوس خاطرين ۽ گڏيل طور تي طئي ٿيل شرطن موجب قدرتي گئس حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. عالمي حالتن جي ڏس ۾ اڄ توانائي هڪ حقيقي چئلينج بڻجي چڪو آهي ۽ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ ٺوس پاليسين ۽ فوري قدمن جي ضرورت آهي. تاپي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪندس ته ??ن منصوبي جي منصوبابندي ۽ عملدرآمد جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته ??رڪمانستان جي وفد پاران پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيندي چيو ته ??ن سان اسان کي اهو موقعو مليو آهي ته ??نيا کي اهو يقين ڏياريون ته پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ پرعزم آهيون. هن اهم موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي پيٽروليم واري وزارت کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ترڪمانستان پاڪستان دوستي زندهه آباد.