اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وف??قي وزير سينيٽر محمداسحاق ڊار ??يو آهي ته حڪومت ايندڙ مالي سال 24-2023ع دوران ورڪنگ جرنلسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ ۽ آرٽسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪندي. نجي نيوز چئنل سان ڳالهائيندي وف??قي وزير چيو ت?? رٽائرڊ وف??قي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ به 17.5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو ت?? حڪومت وف??قي سرڪاري ملازمن کي ايڊهاڪ رليف الائونس جي شڪل ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين لاءِ 35 سيڪڙو جڏهن ته گريڊ 22-17 تائين لاءِ 30 سيڪڙو جو رليف ڏنو پيو وڃي. انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جي حوالي سان وف??قي وزير ٻڌايو ت?? حڪومت انهن طرفان روڪ رقم ڪڍرائڻ تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ٻيهر لاڳو ڪيو آهي. پگهاردار طبقي لاءِ رليف قدمن جو اعلان ڪندي اسحاق ڊار چيو ت?? حڪومت وڌندڙ مهانگائي سبب انهن جي مالي مشڪلاتن جو احساس ڪندي پگهارن ۾ ايڊهاڪ بنيادن تي 30 کان 35 سيڪڙو ۽ وف??قي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. هن چيو ت?? ايڊهاڪ رليف ڏيڻ جو مقصد خريداري جي قوت ۾ اضافو ڪرڻ آهي. هن چيو ت?? اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (آءِ سي ٽي) ۾ گهٽ ۾ گهٽ ??ينشن کي 12 هزار روپيا ۽ گهٽ ۾ گهٽ ??اهوار ڏهاڙي 25 هزار روپين کان وڌائي 32 هزار روپيا ڪرڻ جي تجويز کي به بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.