اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ طوفان ۽ برسات ۽ وڻ ڪرڻ سان 3 ماڻهن جي ف??ت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي صوبائي حڪومت کي متاثرين جي ڀرپور مدد ۽ زخمين کي علاج جي بهترين سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شانگلا ۾ ٻن ماڻهن ۽ ڪرڪ ۾ هڪ عورت جي ف??ت ٿيڻ تي متاثره خاندا??ن سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ف??ت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمي ٿيندڙن سان پڻ همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.