اسلام آباد _ 18 آگسٽ (اي پي پي ) ??اڪ??ر نديم جان نگران وفاقي صحت واري وزير جي حيثيت ۾ پنهنجي وزارت جو قلمدان سنڀالي ورتو آهي . صحت واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق وفاقي صحت واري سي??ري??ري افتخار علي شلوني ۽اسٽاف صحت واري وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ??اڪ??ر نديم جان صحت جي شعبي ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره امتياز حاصل ڪري چڪو آهي . هو پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجن خدمتن جي بدولت عالمي شهرت رکي ٿو . چارج سنڀالڻ بعد وزارت جي آفيسرن ۽ هيڊ آف ڊيپارٽمنٽ سان تعارفي ملاقات به ڪ??ي . ان موقعي تي وفاقي صحت کاتي جي سي??ري??ري افتخار شلواني ، ايڊيشنل سي??ري??ري ڪامران رحمان خان ، ڊي جي هيلٿ ، جوائنٽ سي??ري??ري ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا . ان موقعي تي نگران وفاقي وزير ??اڪ??ر نديم جان چيو ته صحت واري وزارت کي درپيش چيلنجز سان منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آندو ويندو . اسان کي ملڪ ۽ قوم جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو . صحت جو شعبو اسان جي پهرين ترجيح آهي . عوام جا مسئلا گهٽ مدت ۾ حل ڪنداسي ، اسان سڀن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو . ??اڪ??ر نديم جان چيو ته صحت جي شعبي ۾ مفاد عام لاءَ انقلابي ۽ فلاحي منصوبن جي بنياد رکنداسي .