اسلام آباد ?? 05 ??? سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ بحريه جي ڪمانڊر ايڊمرل ارجمند ت??تيل او??لو کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سان خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر ترڪ بحريه جي ڪمانڊر کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. تقريب جي شروعات قومي تراني ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪ سامونڊي فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ ايوان صدر جي ??ين??ئر عملدارن شرڪت ڪئي.