اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگر??ن وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اسان جو نوجوان نسل باشعور آهي، انهن جي ملڪ س??ن وابستگي تمام گهري آهي، پاڪستان جو مستقبل روشن آهي ??و ته اهي ئي محب وطن ٻار اسان جي مستقبل جا معمار آهن. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن اسلام آباد ماڊل ڪاليج ايف سڪس ٽو ۾ منعقد دفاع جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ ڪيو. نگر??ن وفاقي وزير چيو ته قوم جو درد ۽ احساس انهن جي رڳ رڳ ۾ ڀريل آهي، پاڪستان دفاع ڏهاڙو اسان کي ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن پاڪستان جي شهيدن، بهادر جوانن ۽ غيرتمند پاسبانن پاڪستان جي دفاع لاءِ سرحدن تي پنهنجي بهادري ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو، انهن جي شجاعت جي ناقابل يقين ڪارنامن جو ڪو مثال نه ٿو ڏئي سگهجي. تقريب ۾ ڊي جي ايف ڊي اي امجد احمد ڊائريڪٽر ڪاليجز عرفان احمد جاويد مرزا ۽ ٻيا موجود هئا. جڏهن ته آجياڻي واري خطاب ۾ پرنسپل پروفيسر عاليه دراني چيو ته گذريل سال سندس اداري جو جي پي اي سمورن ڪاليجز ۾ اول رهيو ۽ بورڊ ۾ ٻي پوزيشن پڻ ح??صل ڪئي، گرائونڊ جي سهولت نه هجڻ جي باوجود انٽر بورڊ اسپورٽس ۾ شاگردن فتح ح??صل ڪئي. عريبه ماهه نور، آيت فاطمه ۽ ٻين پاڪ فو?? جي خدمتن ۽ 1965ع جنگ جي حوالي سان خوبصورت ٽيبلو پيش ڪيا ۽ خوب داد ح??صل ڪيو.