اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي)پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير م??د علي سنڌي اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪميٽي وزارت ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر عملدارن تي ٻَڌل هوندي. تعليم واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته علمي، انتظامي ۽ قانوني مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي ان ڳالهه جو تعين ڪندي ته موجوده مسئلن جو ذميدار ڪير آهي، ڪميٽي فوري پ??هن??ا نتيجا پيش ڪندي جنهن تي سخت ايڪشن کنيو ويندو. هن چيو ته م??هن??ي سرونگ ۽ رٽائرڊ استادن سان ملا??ات ٿي جنهن ۾ اردو يونيورسٽي جا سمورا مسئلا مون آڏو رکيا ويا.هن چيو ته ايڊهاڪ بيسز تي يونيورسٽي نٿي هلي سگهي، مستقل عملي جي ضرورت آهي. هن چيو ته قانون جي بالادستيءَ سان ئي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو، اسان کي سمورن مسئلن کي اهڙي نموني حل ??رڻ?? آهي ته جيئن صورتحال ٻيهر پيدا نه ٿئي.