اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? بنگلاديش سان معيشت، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ??ي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ ??ا وسيع امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بنگلاديش ۾ پاڪستان جي نامزد هاء?? ڪمشنر سيد احمد معروف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته بنگلاديش ۾ نامزد هاء?? ڪمشنر ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاء?? ڪم ڪري. صدر چيو ته معيشت، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ بنگلاديش سان تعاون وڌائڻ ??ي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ تاريخ رکندڙ آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ ??ي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد احمد معروف ک?? بنگلاديش ۾ بطور پاڪستاني هاء?? ڪمشنر مقرر ٿيڻ ??ي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد هاء?? ڪمشنر جي لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.