اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا ذميوار آهيُون، مولانا فضل الرحمان وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سندس بيان جو مناسب جواب اليڪشن ڪميشن ئي ڏئي سگهي ٿي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلا??ات واري نگران وفاقي وزير هڪ سوال تي چيو ته مولانا فضل الرحمان وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سندس بيان اليڪشن ڪميشن ڏسي ورتو هوندو، اها ئي ان جو مناسب جواب ڏئي سگهي ٿي، چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد جا ذميوار آهيون. نواز شريف جي وطن واپسي بابت سوال تي هن چيو ته نواز شريف جي واپسي جو نگران حڪومت س??ن ڪو تعلق نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا سدا بهار آهن ?? انهن جو مستقبل تمام شاندار آهي.