اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ??زه ۾ اسرائيل جي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي معصوم فلسطينين تي بمباري فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ??زه ۾ اسرائيل جي جارحيت جي شديد مذمت ڪري ٿو جتي معصوم فلسطينين تي زمين تنگ ڪئي پئي وڃي. ترجمان ??زه ۾ شهري آبادي جي خلاف اسرائيل?? عملدارن پاران طاقت جي استعمال جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان کي اسرائيلي فوج پاران غيرانساني ناڪابندي ۽ گڏيل سزائن جي ڪري ??زه ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ سنگين انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي آهي. هن چيو ته بجلي، ٻارڻ ۽ پاڻي جي سپلائي ڪاٽڻ جو فيصلو غيرمنصفاڻو آهي ۽ ان کي واپس وٺڻ گهرجي ڇو ته ان سان فلسطينين جي زندگين تي شديد ا??ر پوندو. ترجمان چيو ته اسرائيل کي ??زه جي ماڻهن جي خلاف بمباري جي پنهنجي مهم کي فوري طور تي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن، ناڪابندي ختم ۽ فلسطيني عوام تائين انساني امداد تائين بنا رڪاوٽ پهچ جي اجازت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان تازن مهينن ۾ اسرائيل جي اشتعال انگيز قدمن جي سنگين نتيجن جي خلاف مسلسل خبردار ڪندو رهيو آهي. ترجمان چيو ته صورتحال جي سنگيني عالمي برادري کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪري ٿي، اسان گڏيل قومن تي زور ڏيون ٿا ته اها ??زه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جنگبندي ۾ سهول??ڪا??ي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته عالمي برادري کي 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل رياست سان گڏ هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار رياستي حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته اهڙي حل جي عدم موجودگي ۾ وچ اوڀر ۾ امن اڻلڀ رهندو.