بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت معاشي ترقي جي ل??ءِ ڪاروبار دو??ت ۽ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايسٽ سي گروپ جي چيئرمين فانگ يو لونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ساڻس وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم وفد کي حڪومت جي ڪاروبار دو??ت پاليسين بابت ٻڌايو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت معاشي ترقي جي ل??ءِ ڪاروبار دو??ت ۽ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي. ??ن وڌيڪ چيو ته حڪومت نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي ۽ نجي شعبي کي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ل??ءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ فانگ يو لونگ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ته ايسٽ سي گروپ گوادر فري زون ۾ ريفائنري ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. ??ن وڌيڪ چيو ته چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿيون. نگران وزيراعظم ايسٽ سي گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ گوادر کي پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ سي پيڪ جو اهم حصو قرار ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين پراڻا دو??ت آهن ۽ چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي.