برسلز – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ڪائونسل اي يو جي چيئرمين علي رضا سيد چيو آهي ته عالمي برادري ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت ج?? غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ ۾ مظلوم ڪشميري?? جي مدد ڪري. ڪشمير ميڊيا سروس موجب برسلز ۾ ڪشمير ڪاري ڏينه?? جي موقعي تي منعقد هڪ ويبنار کي خطاب ڪندي علي رضا سيد چيو ته ڀارت گذريل 76 سالن کان ڄمون ۽ ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪيو آهي. هر سال اسان ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهايون ٿا ۽ احتجاج ڪريون ٿا. هن چيو ته 76 سال اڳ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي سرزمين تي غيرقانوني حملو ڪري قبضو ڪيو هو جيڪو اڄ ??ه جاري آهي. هن چيو ته ڪجهه طاقتور ملڪ پنهنجي فوجي طاقت ج?? غلط استعمال ڪن ٿا ۽ عالمي اصول?? جي خلاف ورزي ڪندي ڪمزور قومن تي قبضو ڪن ٿا جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هجڻ گهرجي. علي رضا سيد چيو ته اسان عالمي برادري ۽ عالمي سول ??وسائٽيز کان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت ج?? قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.