تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي علائقائي اڳوا??ن سان گڏ ??رو?? فوٽو ڪڍرايو. ان کان اڳ نگران وزيراعظم جيئن ئي تاشنقد ڪنوينشن سينٽر پهتو ته ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سندس استقبال ڪيو. ڪانفرنس هال طرف وڌڻ کان اڳ اجلاس ۾ سمورن شريڪ اڳواڻن ??رو?? فوٽو ڪڍرايو. واضح رهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز س??يت وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي دوري تي تاشقند پهتو آهي جتي هو اي سي او جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. اجلاس جي موقعي تي هو تنظيم جي ويزن 2025ع ۽ واپار، ٽرانسپورٽ، گڏيل رابطي، توانائي، سياحت، اقتصادي ترقي ۽ پيداواري شعبن ۾ علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو.