اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا اڄ سفارتي لا??اپا قائم ٿيڻ جي 40 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ان موقعي تي ??گر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪوريا جي پرڏيهي وزير پارڪ جن سفارتي ذريعن تان مبارڪباد جي پيغامن جي مٽاس??ا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي ??چ ۾ لا??اپا خصوصيت سان گرمجوشي سان نمايان آهن جيڪي مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي نمايان ڪن ٿا. ??گر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪوريا جي پرڏيهي وزير پارڪ جن پاڪستان ۽ ڪوريا جي لا??اپن جي ڀرپور تاريخ، سماجي ۽ ثقافتي لا??اپن، ترقي ۽ اقتصادي تعاون ۽ ٻ??هر??ين ملڪ رهندڙن جي تعاون جو جائزو ورتو جيڪي ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ دوستي جي پل جو ڪم ڪن ٿا. پرڏيهي وزيرن مستقبل ۾ تعاون جي مضبوط امڪانن تي زور ڏيندي سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي تيز ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو.