راولپنڊي-22 نومبر (اي پي پي) اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سيڪ??ور??ي فورسز جي قافلي تي ديسي ساخته بم حملي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق سيڪ??ور??ي فورسز جي قافلي تي بم حملي ۾ پاڪ فوج جو لانس نائيڪ احسان بادشاهه (عمر 33 سال، رهائشي ضلع ڪرڪ) ۽ لانس نائيڪ ساجد حسين (عمر 30 سال، رهائشي ضلع ڪرم) شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪ??ور??ي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم جي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.