اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪ??يشن آف پاڪستان جي مالي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪو بحران نه آهي، اي سي پي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جاري ڪئي ويندي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪ??يشن جون بجيٽ ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ 42 ارب رپين جي منظوري ڏني هئي، 10 ارب رپين جي رقم اڳ ۾ ئي جاري ڪئي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪ??يشن منظور ٿيل بجيٽ جي رقم مان 17.4 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو آهي. هن چ??و ته اي سي پي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جاري ڪئي ويندي، اسان آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چ??نڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪ??يشن آف پاڪستان سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهيون.