اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا مُلڪ ۾ ڀنگ جي پوکيءَ لاءِ ڪينابيس ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2024ع جي اصولي منظوري ڏيندي سپ??يم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ وفاقي تعليمي ادارن ج?? ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ 227 استادن کي مستقل بنيادن تي مقرر ڪرڻ ۽ جبري گمشدگين تي ٺاهيل ڪابي??ا ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ باجوڙ ۾ پو??يو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پو??يس اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ۽ ان ج?? نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پو??يس اهلڪارن ج?? لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ڪابينا شهيد پو??يس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته رياست شهيدن ج?? قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي، شهيد پو??يس اهلڪارن اسان ج?? ايندڙ سڀاڻي جي لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪري ڇڏيو، رياست انهن ج?? پو??ئيرن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ انهن ج?? ڀلائي جو هر ممڪن خيال رکيو ويندو. هن چيو ته دهشتگرد جيتري قدر بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا انهن ج?? خلاف رياست جي ردعمل ۾ ايتري ئي شدت ايندي، دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن ج?? عزم کي هارائي نه ٿا سگهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان مان پو??يو جي مڪمل خاتمي تائين پو??يو جي خاتمي وارو مشن ڀرپور طريقي سان جاري رهندو. نگران وزيراعظم پو??يو جي خاتمي لاءِ حڪومتي ڪوششن ۾ پاڪ فوج، پو??يس، پو??يو ورڪرز ۽ ٻين ادارن ج?? ڪردار کي ساراهيو. وفاقي ڪابينا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2018ع جي فيصلي جي روشني ۾ وفاقي تعليمي ادارن ج?? پيش ڪيل سمري ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ج?? سفارشن ج?? روشني ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ 227 استادن ج?? مستقل بنيادن تي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي جبري گمشدگين تي ٺاهيل ڪابي??ا ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ان کان اڳ اڳوڻي نگران گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي کي ان ڪميٽي جي سربراهي ڏني وئي هئي، سندس استعيفيٰ کانپوءِ نگران وزيراعظم جي منظوري سان ڪابي??ا ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي، نئين سر جوڙيل ڪميٽي جي صدارت قانون ۽ انصاف وارو نگران وفاقي وزير ڪندو. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي سپ??يم ڪورٽ بلڊنگ ڪميٽي جي تجويز سان اتفاق ڪندي سپ??يم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي لاءِ نئين تعمير ٿيندڙ عمارت ۾ سڄي ڪراچي ۾ مختلف جاين تي قائم سمورين فيڊرل ڪورٽس ۽ ٽربيونلز جي منتقلي ۽ عمارت جي خاڪي ۾ ضروري ترميمون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سپ??يم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پنهنجي موجوده عمارت ۾ ڪم جاري رکندي. وفاقي ڪابينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري جي حوالي سان پيش ڪيل سمري تي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان بلوچستان ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽس جي فيصلن ج?? روشني ۾ لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ جي انتظامي بورڊ کي فعال ڪيو وڃي ته جيئن چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري جي حوالي سان قانوني گهرجون پوريون ڪري سگهجن. وفاقي ڪابي??ا ڪينابيس ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2024ع جي اصولي منظوري ڏيندي ان کي ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابي??ا ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ان اٿارٽي تحت ملڪ ۾ ڀنگ جي پوکيءَ، ايڪسٽريڪشن، ريفائننگ ۽ طبي ۽ صنعتي استعمال جي حوالي سان ضروري ضابطا جوڙي سگهبا. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 ڊسمبر 2023ع، 15 ڊسمبر 2023ع ۽ 20 ڊسمبر 2023ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن ج?? توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا حڪومتي ملڪيتي ادارن بابت ڪابي??ا ڪميٽي جي 28 ڊسمبر 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن ج?? توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابي??ا ڪميٽي جي 22 ڊسمبر 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن ج?? پڻ توثيق ڪئي.