اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته صدر وفاق جي علامت آهي. آصف علي زردا??ي کي غير مشروط طور صدر لاءِ ووٽ ڏنو آهي. اڳوڻي صدر پن??نج?? اختيار وفاق ۽ صوبن کي منتقل ڪري ملڪ جي استحڪام لاءِ شاندار رواي?? قائم ڪئي. هن صدارتي چونڊ لاءِ پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ملڪ ۾ قومي، ثقافتي بين النسل هم آهنگي جي روايت جو امين ۽ علامت هوندو آهي. مضبوط صدر مضبوط پاڪستان جي ضمانت آهي. ان ڪري ايم ڪيو ايم آصف علي زردا??ي کي غير مشروط طور صدارتي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو زرداري اڳوڻي صدر طور پن??نج?? اختيار پارليامنٽ ۽ صوبن کي ڏئي تاريخ لکي، جنهن سبب صوبن ۽ وفاق ۾ اعتماد ۽ استحڪام جو ر??تو مضبوط ٿيو.