اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرد??ري ڪوٽ ڊي واغ سان اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪوٽ ڊي واغ کي پاڪستاني چانور، طبي ۽ جراحي او??ار??، دوائن ۽ راندين جي سامان جي برآمدات وڌائڻ جا تمام وڌيڪ امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪوٽ ڊي واغ (آئيوري ڪوسٽ) لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمود اختر محمود سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرد??ري چيو ته پاڪستان جا ڪوٽ ڊي واغ سان خوشگوار لاڳاپا آهن، نامزد سفير آئيوري ڪوسٽ سان واپ??ري ۽ اقتصادي لاڳاپا اڳتي وڌائڻ جا موقعا ڳولي. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته نامزد سفير ڪوٽ ڊي واغ سان عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جا امڪان پڻ ڳولي، هو ڪوٽ ڊي واغ سان ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري. صدر آصف علي زرد??ري محمود اختر محمود کي ڪوٽ ڊي واغ ۾ بطور پاڪستاني سفير مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني.