اسلام آباد- 07 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ صح??ح رُخ ڏانهن وڌي رهيو آهي، مُک اقتصادي اهڃاڻن سان معاشي بهتري ۽ استحڪام جي ??ڪاسي ٿي رهي آهي، ڍانچه جاتي سڌارن ۽ جي ڊي پي جي ??ناسب سان ٽيڪسن ۾ واڌ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، آءِ ايم ايف سان وڏي ۽ ڊگهي وقت جي پروگرام لاءِ ايندڙ 10 ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف مشن پاڪستان پهچندو، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائيءَ جو امڪان آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرن?? ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته سعودي عرب جي هڪ وڏي وفد ويجهڙ ۾ پاڪستان جو ڪامياب دؤرو ڪيو آهي. سعودي سيڙپڪارن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ پنهنجي ??عتماد جو اظهار ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن جي واپاري شعبن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل 10 مهينن کان مُک معاشي اهڃاڻ مثبت ۽ صح??ح رُخ ۾ اڳيان وڌي رهيا آهن. واپاري خسارو قابو ۾ آهي ۽ جاري مالي سال مڪمل ٿيڻ تي واپاري خسارو هڪ ارب ڊالر کان گهٽ ٿي ويندو. زرعي شعبي ۾ اؤسر ٿي رهي آهي ۽ بمپر فصل حاصل ٿيا، ناڻي جي ??خيرن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، پهريان اسان جي ناڻي جا ذخيرا 15 ڏينهن تائين دستياب هئا جيڪي هاڻ ٻن مهينن کان وڌيڪ جي ??مپورٽ لاءِ ڪافي آهي. هن چيو ته ناڻي واڌ جي ??رح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 17 سيڪڙو جي ??طح تي اچي وئي آهي ۽ ان ۾ اڃا به گهٽتائي ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته سعودي عرب کان علاوه آمريڪا ۽ يورپ مان به سيڙپڪار اچي رهيا آهن. عالمي مالياتي فنڊ جي ٽيم ان مهيني پاڪستان ايندي، اسان جي ڪوشش هوندي ته آءِ ايم ايف سان وڏا ۽ ڊگها پروگرام ڪيا وڃن، پاڪستان ڍانچي جاتي سڌارن ۽ جي ڊي پي جي ??رح سان ٽيڪسن ۾ واڌ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن وقت پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي ??رح سان ٽيڪسن جي ??رح 9 سيڪڙو آهي جنهن کي 13 کان 15 سيڪڙو تائين وڌائڻو آهي. سرڪاري ملڪيتي ادارن جي ??ساري کي گهٽ ڪري انهن کي نجڪاري طرف وٺي وڃي رهيا آهيون، حڪومت خرچن تي قابو پائڻ لاءِ به قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پينش هڪ وڏو مسئلو آهي، رٽائرمينٽ جي ??مر 60 کان 65 سال ڪرڻ، سروس اسٽرڪچر ۾ تبديلي ۽ پينشن ۾ سڌارا آڻڻ جي ??رورت آهي ته جيئن ان شعبي ۾ خرچن تي قابو پائي سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته معاشي استحڪام ج?? سفر وزيراعظم طرفان آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ معاهدن کان شروع ٿيو، اهو معاهدو ڪاميابي سان مڪمل ٿيو آهي ۽ پاڪستان کي معاهدي تحت آخري قسط ڪجهه ڏينهن ڳ ملي وئي، هاڻ اسان کي آءِ ايم ايف سان گڏجي هڪ وڏو ۽ وسيع پروگرام ڪرڻو آهي، اسان کي ايندڙ ٻن ٽن سالن لاءِ رٿابندي ڪرڻي آهي، جيڪڏهن رٿابندي سان اسان اڳيان وڌنداسين ته اسان کي آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام جي ??رورت نه پوندي. هن چيو ته پاڪستان امپورٽ تي ٻَڌل اؤسر، سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ مقامي ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا ته جيئن اؤسر جي ??رصي ۾ پرڏيهي ناڻي جي ??خيرن ۾ گهٽتائيءَ کي مُنهن ڏيڻو نه پوي، ان حوالي سان سمورا قدم مشاورت سان کنيا پي اوڃن. آءِ ايم ايف سان جن قدمن تي اتفاق ٿيو آهي انهن مان ڪوبه هڪ نقطو پاڪستان جي نقصان لاءِ ناهي، اهو پاڪستان جو پروگرام آهي. هڪ سوال تي ناڻي واري وزير چيو ته ريٽلرز جي ??جسٽريشن جو پهريون مرحلو رضاڪاراڻه هو، مئي ۽ جون ۾ ٻئي مرحلي جي ??روعات ٿيندي، ان مرحلي تي پهرين کان موجود قانونن تي عمل ڪرڻو آهي، حڪومت پي او ايس ۽ ٽريڪ ايڊريس نظام کي فعال ۽ اثرائتو بڻائي رهي آهي. ٽيڪس جي ??نيادن ۾ وسعت کان علاوه اسان وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي، جي ڊي پي جي ??ناسب سان ٽيڪسن جي موجوده شرح ناڪافي آهي، ملڪ ٽيڪس ڏيڻ سان ئي هلندو، سم بلاڪ ڪرڻ ۽ ٻين قدمن سان پرڏيهي سيڙپڪار ناراض نٿا ٿي سگهن ڇاڪاڻ ته انهن سيڙپڪارن جي ملڪن ۾ به ٽيڪس شرح وڌيڪ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاليسي ريٽ جو تعين اسٽيٽ بئنڪ ڪندي آهي، اسان کي اميد آهي ته جهڙيءَ طرح ناڻي واڌ جي ??رح گهٽجي ??هي آهي ان جي نتيجي ۾ پاليسي ريٽ ۾ به گهٽتائي ايندي. اسٽيٽ بئنڪ جو پنهنجو بيان آهي ته سيپٽمبر 2025ع تائين پاليسي ريٽ 5 کان 7 سيڪڙو جي ??طح تي اچي ويندو. جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائيءَ جو امڪان آهي. عالمي بئنڪ جي ??در سان ملاقات ۾ ماحولياتي موزونيت تي فنڊنگ، ٽيڪنالاجي ??ي فراهمي ۽ ڊجيٽلائيزيشن تي ڳالهه ٿي، ڊجيٽلائيزيشن جي ??والي سان معاهدو جلد ٿيندو. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ جن مسئلن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي ان ۾ اسان اهم معاملن کي نظر انداز نٿا ڪري سگهون، اسان وٽ سٺا موقعا آهن ته پروگرام کي اڳيان کڻي وڃجي، رڳو پگهاردار طبقي تي سمورن ٽيڪسن جو بار نٿو وجهي سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته چين پاڪستان جو دوست ملڪ آهي، چين هر طرح سان پاڪستان جي مدد ڪري رهيو آهي. اسان چين جي ??المي ڪيپيٽل مارڪيٽ مان لاڀ کڻي سگهون ٿا ۽ ان سلسلي ۾ پهريون ڀيرو پانڊا جاري ڪيا ويندا، پر ان لاءِ پهريان پاڪستان ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري آڻيندو.