اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي ترق?? جي لاءِ سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ 9 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران ان ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاق?? و??ير انجنيئر امير مقام، گلگت بلتستان جو وڏو وزير حاجي گلبر خان، گلگت بلتستان جو اڳوڻو وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان، گلگت بلتستان جو ناڻ?? و??رو وزير انجنيئر محمد اسماعيل، گلگت بلتستان جو منصوبابندي ۽ ترق?? و??رو وزير راجا ناصر علي خان، ڪشمير معاملن وارو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ بين الصوبائي رابطن وار?? و??ارت جو سيڪريٽري شامل آهن. ڪميٽي جو سيڪريٽريٽ بين الصوبائي رابطن وار?? و??ارت ۾ هوندو. اها ڪميٽي ايندڙ مالي سال 25 – 2024?? جي بجيٽ ۾ شامل قدمن ۽ سڌارن تي اتفاق راءِ جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪندي.