اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار ا??از صادق مستونگ ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ذريعي ٽن دهشتگردن جي مارجي وڃڻ ??ي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سڄي قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، شرپسند ڌريون ملڪ ۾ امن ک?? نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون، دهشتگردي ذريعي ملڪ ۾ بدامني ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندڙن ک?? سخ??ي سان م??هن ڏنو ويندو. اسپيڪر پاڪ فوج پاران ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي جي عزم کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪ فوج جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عزم واکاڻ جوڳو آهي.