اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي ??زير احسن اقبال چيو آهي، ته ماحولياتي تبديليون ز??اع?? جي روائتي ط??يقن تي اثر ??ند??ز ٿي رهيون آهن. 2022ع جي ٻوڏ سان 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو، پاڪستان زرعي جنسن جي پيداوار ۾ پهرين 10 ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو پر پيداواريت جي شرح ۾ گهٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي لاهور ۾ فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي قومي سيڪيورٽي ۽ ترقي جو اهم ٿنڀ آهي. وفاقي ??زير چيو ته جهڙي ط??ح ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽيو هو پوري قوم لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي ??اءِ امن سان گڏ پاليسين ۾ استحڪام ۽ تسلسل اڻٽر آهي، پاڪستان ايٽمي پروگرام ۾ معجزو ڪري ڏيکاريو هو ته هاڻي مع??شي ميدان م به ڪري سگهي ٿو. ايٽمي پروگرام ۾ ڪاميابي، قيادت جي استحڪام، ميرٽ، ۽ انساني وسيلن جي ترقي حاصل ٿي، هن وقت اسان جنهن هنڌ موجود آهيون اسان کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته ڪيئن اڳيان وڌون. هن چيو ته اسان ماضي ۾ ويزن 2010ع، ويزن 2025 جهڙا ش??ند??ر پلان ٺاهي پر اهي سياسي عدم استحڪام جو شڪار ٿيا، 5 ايز فريم ورڪ تحت 29-2024ع جي پنج سالا ترقياتي منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون، هاڻي غلطي، ڏڦيڙ ۽ فساد جي گنجائش ناهي. هن چيو ته اسان وٽ سمورا علم ۽ علاج موجود آهن پر اهي رپورٽن تائين محدود آهن. هاڻي عمل ڪري علم ۽ عمل جي خساري کي پورو ڪرڻو آهي. احسن اقبال چيو ته هڪ هزار زرعي ماهرن کي وزي??اع??م جي هدايت تي ز??اع?? جي جديد طريقن ۾ عملي تربيت لاءِ چين موڪليو پيووڃي.