ڪراچي-19 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ملڪ جي بندرگاهن جي موثر استعمال ۽ صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو آهي. اها ڳالهه سومر ڏينهن مقامي هوٽل ۾ لاجسٽڪس، ميري ٽائم افيئرز ۽ بليو اڪانومي جي موضوع تي منعقد هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته بندرگاهن جو موثر استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي روانگي واپار ۾ به اضافو ڪري سگهجي. وفاقي وزير چي?? ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۽ پورٽ قاسم (پي ڪيو) ۾ وڌيڪ صلاحيت موجود آهي. هن چي?? ته بندرگاهن جي گهرائي وڌائڻ لاءِ ڊريجنگ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ره??ا آهيون، ان سان اسان جي مٽا سٽا واري ن??ڻي جي بچت ٿيندي. وفاقي وزير چي?? ته سمورن ڪارگو هينڊلنگ ڪي پي ٽي ۾ ڪرڻ ۽ پوءِ هتان کان ننڍن جهازن ۾ ڪارگو گوادر ۽ پورٽ قاسم موڪلڻ جي تجويز قابل عمل آهي. ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چي?? ته حڪومت سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري ره?? آهي ۽ سيڙپڪارن کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پاڪستان جون سموريون بندرگاهون فعال آهن ۽ ڪنهن به بندرگاه کي بند نه ڪيو پيو وڃي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته هر ڪنهن کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو جنهن سان معيشت جو استحڪام ۽ ملڪ جي ترقي ۾ مدد ملندي.