اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقاف?? واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? آهي ته معاشي ترقي جي لاءِ استحڪام ضروري آ??ي، مسلم ليگ (ن) سدائين ملڪ ۾ ڪاروبار دوست ماحول جي لاءِ راهه هموار ڪئي، اسان جو ڌيان ملڪ ۾ محفوظ ڪاروبار دوست ماحول کي يقيني بڻائڻ آهي. اها ڳالهه هن مقامي هوٽل ۾ سي اي او سمٽ ۽ 100 سي اي او اينڊ ڊپلوميٽس ڪتاب جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چي?? ته مسلم ليگ (ن) سدائين ملڪ ۾ ڪاروبار دوست ماحول جي لاءِ راهه هموار ڪئي، جڏهن به اسان کي حڪومت ۾ اچڻ جو موقعو مليو، ڪاروباري برادري اسان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان ڀرپور فائدو کنيو. هن چي?? ته 2018ع ۾ جڏهن اسان حڪومت ڇڏي وياسين ته ترقي جي شرح 5.8 سيڪڙو هئي جنهن جو ڪاٿو 6.4 سيڪڙو لڳايو پئي ويو. ان وقت مهانگائي رڳو 4 سيڪڙو تي هئي، ملڪ ۾ سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري اچي رهي هئي، چي?? سي پيڪ منصوبي تحت اٽڪل 70 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي، ان وقت سمورا مالياتي رسالا ۽ ادارا اڳڪٿي ڪري رهيا هئا ته پاڪستان ايندڙ 6 يا 7 سالن ۾ جي – 20 ۾ شامل ٿي ويندو، اسان ان وقت جي – 20 تائين پهچي چڪا هئاسين. اسان جو اولين ڌيان ملڪ ۾ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ تي هو، اسان کي سڀ کان وڏو چئلينج توانائي جو بحران هو، هر سال توانائي جي بحران جي ڪري 500 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو هو، ان وقت 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي هئي، پرائيويٽ ۽ پبلڪ سيڪٽرز جي تعاون سان توانائي جا موثر پلانٽس هنيا ويا، اسان 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري زيرو تي کڻي آياسين، اسان توانائي جي بحران کي حل ڪيو، اهو ڪو آسان ڪم نه هو، اسان پنهنجو واعدو پورو ڪيو. هن چي?? ته ٻيو وڏو چئلينج ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال هئي، ملڪ جو ڪمرشل حب ڪراچي انتهائي غيرمحفوظ هو، ڪراچي ۾ امن جي بحالي اسان جو پختو عزم هو، سديڪيورٽي فورسز جي مدد سان ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين حصن ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي ڪم شروع ڪيو، انهن چئن سالن ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي. هن چي?? ته گذريل حڪومت ۾ اسان کي ڊيفالٽ جو خطرو درپيش هو، ان وقت ايڪسپورٽرز کي ڪرنسي جي ريٽ ۾ لاهن چاڙهن جي ڪري مشڪلاتون درپيش هيون، حڪومت جي صحيح پاليسين جي نتيجي ۾ اعتماد وارو ماحول پيدا ٿيو ۽ ملڪ ڊيفالٽ جي خطري کان ٻاهر آيو، اسان ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي جي لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏني ۽ ڪاروبار دوست پاليسين کي فروغ ڏنو، ملڪ ۾ اعتماد جي فضا کي پروان چاڙهيو، ملڪي ترقي جي لاءِ پاليسيون جوڙيون. هن چي?? ته اسان جو يقين آهي ته استحڪام کانسواءِ معاشي ترقي ممڪن نه آهي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چي?? ته اسان کي ففٿ جنريشن وار جو چئلينج درپيش آ??ي، غلط ۽ جعلي خبرون ملڪي معيشت کي نقصان پهچائين ٿيون، مس انفارميشن، پروپئگنڊه ۽ جعلي خبرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ محفوظ ماحول جوڙڻ لازمي آهي. هن چي?? ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آ??ي، حڪومت رائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي ڪم شروع ڪ??و آ??ي، اهڙا سرڪاري ادارا موجود آهن جيڪي رڳو ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي تي هلن ٿا، معيشت ۾ انهن جو ڪو حصو نه آ??ي، ان جو هڪ مثال پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ آهي جنهن ۾ هر سال 100 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو هو، حڪومت ان اداري کي بند ڪرڻ جو جرئتمنداڻو قدم کنيو. هن چي?? ته رائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ جي حوالي سان ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چي?? ته ايف بي آر جي پوري نظام کي ڊيجيٽلائيزڊ ڪيو پيو وڃي، دنيا جي ناليواري فرم مڪينزي ڪارپوريشن ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي فنڊنگ سان ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪرير هي آ??ي، ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن کانپوءِ فائيلرز جي انگ ۾ نمايان اضافو ٿيندو. عطاءُ الله تارڙ چي?? ته جڏهن به ڪا آفت اچي ٿي ته ڪاروباري برادري کي مشلاتون درپيش اچن ٿيون. هن چي?? ته ملڪ ۾ ڪاروباري آسانين جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، ڪاروباري آسانين کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي.