اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وز??ر سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ انٽرنيشنل فلائٽس ذريعي ا??ندڙن لاءِ اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ويو آهي، ا??ان وٽ ٽيسٽ جي سهولت آهي ۽ ڪٽس وڏي مقدار ۾ موجود آهن، پاڪست??ن مڪمل محفوظ آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده پاران ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي وز??ر چيو ته ڊبليو ايڇ او جڏهن منڪي پاڪس بابت ايمرجنسي لاڳو ڪئي ته وز??راعظم سمورين ڌُرين جي اجلاس جي صدارت ڪري بريفنگ و??تي. ايئرپورٽس تي ا??ٽرنيشنل فلائٽس جي اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ويو آهي، هاڻ تائين 5 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي پُراڻي قسم جا آهن ??ن مان ٻن مريضن کي آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي ا??گ اکر جمع ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته هيءَ ڦهلجندڙ بيماري آهي، ا??ان وٽ ٽيسٽ جو نظام ۽ ڪٽس وڏي ا??گ ۾ موجود آهي، جيڪڏهن ايئرپورٽ تي ڪو ڪيس سامهون آيو ته پوءِ ٽيسٽ کانپوءِ ان کي آئسوليشن ۾ موڪليو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ ماهر ڊاڪٽر ۽ وسيلا موجود آهن ۽ هن وقت اس??ن منڪي پاڪس ک??ن محفوظ آهيون.