پشاور -11سيپٽمبر (ا?? پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۽ سندس ڏاهپ اسان جي ??وم?? تاريخ جو روشن باب آهي، اسان کي سندس فرمانن جي روشني ۾ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. باباءِ قوم جي ورسي تي پنهنج?? پيغام ۾ هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي اصولي سياست، ??ي لوث قيادت ۽ مسلمانن لاءِ هڪ ڌار وطن جي جدوجهد اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، اڄ اسان کي سندن فرمان جي روشني ۾ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته قائداعظم اسان کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جو درس ڏنو هو، اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان انهن اصولن تي هلندي وطن عزيز جي درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪيون ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيون. گورنر چيو ته قائداعظم جو مشن پاڪستان کي هڪ ترقي ??اف??ه، امن پسند ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ هو جنهن کي تڪميل تائين پهچائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.