اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلينٽ جي عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي هڪ اعزاز آهي، حڪومت ملڪ ۾ فٽ بال جي راند جي واڌويجهه جي ل??ءِ مڪمل مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تازو ئي ناروي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ بهترين ڪ??رڪ??دگي رکندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪپتان محمد عديل، ٽاپ اسڪورر محمد ڪاشف، ٽيم مئنيجر سيد محمد اويس، مسلم هينڊز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد جاويد گيلاني، ڊائريڪٽر گلوبل آپريشنز ارسلان نصرت، ڪميونيڪشن ڊائريڪٽر محمد ريحان طاهر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ بدر شهباز سان گڏوگڏ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم ج?? رانديگر پوري ??نيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري ??هيا آهن، توهان سڀ رانديگر پاڪستان جا روشن ستارا آهيو، توهان جي بهترين ڪ??رڪ??دگي ان ڳالهه جي گواهي ڏي ٿي ته پاڪستاني نوجوانن کي موقعو ملي ته اهي پوري ??نيا ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين ٿا. هن چيو ته حڪومت پوري ??رح سان توهان جي مدد ڪندي، پاڪستان ۾ فٽ بال جي ترقي جي ل??ءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، تمام جلد پاڪستان ۾ فٽ بال جي ترقي جي ل??ءِ هڪ جامع پلان لاڳو ڪرڻ جي شروعات ڪنداسين. وزيراعظم مسلم هينڊز جي پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي ترقي جي ل??ءِ قدمن کي ساراهيو. رانديگرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم کي مسلم هينڊز پاران پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي ل??ءِ قدم?? تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ترجيحي بنياد?? تي محڪماڻي راندين کي مڪمل طور تي بحال ڪري ??پورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.