اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ گهرو وزارت جي سيڪريٽري کي چيو آهي ته اسلام آبا?? پوليس جي حراست هيٺ تحريڪ انصاف جي 10 اسيمبلي ميمبر?? لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر جي قانون ب??بت صلاحڪار محمد مشتاق طرفان گهرو سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ قومي اسيمبلي جي قاعدن، ضابطن ۽ طريقيڪار 2007ع جي قاعدي 108 جي ذيلي قاعدي 3 جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي طرفان 11 سيپٽمبر 2024ع تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آبا?? پوليس جي حراست هيٺ 10 قومي اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا هئا، اسپيڪر جي خواهش آهي ته شير افضل خان، ملڪ عامر ڊوگر، محمد احمد چٺا، مخدوم زين حسين قريشي، وقاص اڪرم، زبير خان وزي??، اويس حيد??، سيد شاهه احد علي شاهه، نسيم علي شاهه ۽ يوسف خا?? لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي.