نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز ??ريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڀائر??ڻا ۽ دوست??ڻا لاڳاپا قائم آهن، پاڪستان ڪويت سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيم??لي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان ملاقات ۾ چئي. ??زي??اعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن جنهن ۾ سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون ۽ عوامي ۽ سماجي مٽاسٽا وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ??زي??اعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي تحت ڪويت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ عملدرآمد جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تعاون وڌائڻ جو ورجاءُ ڪيو.