رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف والاريل فلسطيني علائقي ?? فلسطينين جي لاءِ گڏيل قومن جي امدادي اداري جي ڪاررواين ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي اسرائيلي قدمن جي پرزور مذمت ڪئي آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ??الاريل فلسطيني علائقي جي اندر فلسطينين جي لاءِ گڏيل قومن جي امدادي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي ڪاررواين ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي لاءِ اسرائيلي قدمن جي مذمت ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته بي يارو مددگار لکين فلسطيني شهرين ??ي ضروري امداد جي فراهمي کي روڪي هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل انساني همدرديءَ جي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪئي آهي. جنهن جي لاءِ عالمي برادري کي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ گهرجي.