اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? آهي ته
اڱاري ڏي??هن جي صبح ڪراچي ۾ نجي گارڊ سان جهيڙي کانپوءِ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه چي??ي شهري زخمي ٿيا، زخمين کي فوري طور تي اسپتال آندو ويو ۽ اهي علاج هيٺ آهن، اسان زخمين جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا ۽ ا??هن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، پاڪستان ذميوار ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزارت، گهرو وزارت ۽ اسلام آباد ۾ چي??ي سفارتخاني سان ويجهي رابطي ۾ آهيون. پرڏيهي آفيس جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چي?? ويجها حصيدار ۽ مضبوط ڀائر آهن ??يڪي گڏيل احترام ۽ گڏيل تقدير جي ٻنڌڻن ۾ متحد آهن. پاڪستان چي??ي شهرين، منصوبن ۽ پاڪستان ۾ ادارن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.