اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) وفاقي حڪومت جي پاليسي گائيڊ لائنز موجب سوئي ڪمپنين جي ن??مبر لاءِ ري گيسيفائيڊ ليڪوئڊ نيچرن گيس (آر ايل اين جي) جي قيمتن جو تعين ڪري واڌ ڪري ڇڏي، جيڪا پهرين نومبر 2024ع کان لاڳو هُوندي. اوگرا جي ترجمان عمران غزنوي جاري بيان موجب آر ايل اين جي قيمتن ۾ بنيادي طور تي واڌ ڊليوري ايڪس شپ (ڊي اي ايس) جي قيمت ۾ واڌ سبب ٿئي ??و. هن ٻُڌايو ته ايس اين جي پي ايل جي صارفين لاءِ قيمتن ۾ گذريل مهيني آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ آر ايل اين جي قيمت ۾ 2.49 سيڪڙو يا 0.3216 ڊالر ف?? ايم ايم بي ٽي يو واڌ ٿي آهي جڏهن ته ايس ايس جي سي ايل صارفين لاءِ قيمتن ۾ گذريل مهيني آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ 0.3346 ڊالر ف?? ايم ايم بي ٽي يو يا 2.68 سيڪڙو واڌ آهي. اوگرا ڪالهه جاري پنهنجي ن??ٽيفڪيشن ۾ ايس اين جي پي ايل صارفين لاءِ آر ايل اين جي سراسر وِڪري جي قيمت 13.2609 ڊالر ف?? ايم ايم بي ٽي يو ۽ ايس ايس جي سي ايل صارفين لاءِ 12.8005 ڊالر ف?? ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي آهي. ترجمان چيو ته آڪٽوبر مهيني لاءِ ريگيوليٽر ايس اين جي پي ايل صارفين لاءِ آر ايل اين جي ڊسٽري بيوشن قيمت 12.9393 ڊالر/ايم ايم بي ٽي يو ۽ ايس ايس جي سي ايل صارفين لاءِ 12.4659 ڊالر/ايم ايم بي ٽي يو طور تي ن??ٽيفاءِ ڪئي ??ئي ??ئي. آر ايل اين جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن اوگرا ويب سائٽ تي موجود آهي.