اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ م??صولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اي??يائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان کي مالي مدد جي فراهميءَ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. هن اها ڳالهه اي??يائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي اي??يائي ترقياتي بئنڪ جي سينيئر ڊائريڪٽر طارق ايڇ نيازي ڪئي. ان موقعي تي اي??يائي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان ۾ رهندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر اينافن ۽ ان جي ٽيم به موجود هئي. ملاقات دوران طارق ايڇ نيازي ناڻي واري وزير کي اي??يائي ترقياتي بئنڪ جي عوامي شعبي جي انتظام ۽ بهتر حڪمراني لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چي?? ته قدمن جو مقصد ڪلي معيشت ۽ م??لياتي انتظام کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيوته بئنڪ اُسرندڙ ملڪن کي پاليسي ۽ ??دا??ه جاتي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ به معاونت فراهم ڪري رهي آهي. هن چي?? ته اي??يائي ترقياتي بئنڪ تحت پاڪستان ۾ اقتصادي سڌارن، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ منصوبا غور هيٺ آهن. ان منصوبن ۾ خاص طور تي پاليسي ۽ انتظامي سڌارا، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن، عوامي ۽ نجي حصيدارين، موسمياتي تبديلي، پاليسيءَ تي ٻَڌل ضمانتون، مالي ۽ بجيٽ جي معاونت، غربت جي خاتمي لاءِ امداد ۽ پي??شن سڌارن جي لاءِ فني معاونت شامل آهي. ناڻي واري وزير بئنڪ طرفان پاڪستان کي فراهم ڪيل مالي ۽ فني معاونت جي تعريف ڪئي ۽ چي?? ته بئنڪ جي سهڪار جي شعبي پاڪستان جي ترقي جي ضرورت سان هم آهنگ آهن. هن بئنڪ طرفان موسمياتي لچڪ کي بهتر بنائڻ ۽ حڪومت ۽ پي??شن سڌارن جي اي??نڊا کي اڳيان وڌائڻ ۾ معاونت کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.