اسلام آباد ??? 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن ??وجب فلسطينين جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو حامي آهي، اسرائيل جي تازي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ جارحيت جي نتيجي ۾ اٽڪل 15500 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، فلسطين ۾ شهيدن ۾ وڏو انگ ٻارن ۽ عورتن جو آهي، 37 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چيو ته اڄ جي ڏينهن فلسطيني ڪا?? جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو، پاڪستان فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد جي سدائين حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن ٻه رياستي حل جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، پاڪستان جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ آزاد، خودمختياري ۽ جاگرافيائي طور تي لڳولڳ فلسطيني رياست جي حمايت ڪري ٿو.