اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان قانونسازي بابت معاملا اڪلائڻ جي لاءِ ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم ڪميٽي جو چيئرمين هوندو، ڪميٽي قانونسازي، ترميمن ۽ تجويز ڪيل قاعدن ۽ ضابطن جو جائزو وٺي سفارشون پيش ڪندي. ڪابينا ڊويزن پاران جا??ي ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم عم??ان خان پنهنجا خاص اختيار استعمال ڪندي ڪابينا جي قانونسازي معاملن بابت ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.