اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ، هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ، احساس پروگرام ۾ پارليامينٽرينز جي شموليت، آڊٽ ۽ سائٽ بورڊ جي ٻن ميمبرن ۽ ايگزم بئنڪ آف پاڪستان جي بو??ڊ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته موثر ۽ وقت سر حڪومتي قدمن جي ڪري ضرورت جي شين جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن، پاڪستان ڪرونا وا??رس فري ملڪ آهي، ملڪ ۽ قوم کي ان کان محفوظ رکڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، وز??را??ظم عمران خان احساس پروگرام تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. اها ڄاڻ وز??را??ظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وز??را??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ بريفنگ ڏيندي ڏني.