اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪن بزنس ڪائونسل جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري ۽ ٻيا سينئر آفيسر به موجود هئ??. وفد موجوده حڪومت جي طرفان ڪاروباري برادري جي لاءِ سهولتون خاص طور تي ايز آف ڊوئنگ بزنس جي حوالي سان ڪيترن ئي قدمن کي ساراهيو، وفد ۾ موجود مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پنهنجي ڪمپنين جي ڪاروباري سرگرمين ۽ لاڳاپيل معام??ن تي وزيراعظم کي بريف ڪيو، وفد جي ميمبرن چيو ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ٿي آ??ي ۽ اهي پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهشمند آهي، ڪاروباري طبقي جي لاءِ وڌيڪ آسان??ون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان وفد مختلف تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون، وزيراعظم وفد کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاروباري برادري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، منافع بخش ڪاروبار جي لاءِ موافق فضا جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.