اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) بدعنوان سياسي عنصرن جي گڏيل مفادن جي ڪائونسل آهي، عوام تي اها ڳالهه واضح ٿي و??ي آهي ته اهي ????ڻه?? رڳو ذاتي مفادن ۽ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهن، انهن وٽ ڪا عوامي ايجنڊا نه آ??ي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي معيشت استحڪام طرف گامزن آهي ۽ پوري دنيا جا اقتصادي ماهر به ان جو اعتراف ڪري رهيا آهن جڏهن ته ماضي ۾ ملڪي معيشت هلائيندڙ هن وقت لنڊن ۾ ويهي ??اڪستان جي معيشت تي تنقيد ڪري رهيا آهن جيڪا کل جوڳي ڳالهه آ??ي.